سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون 1

سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون 1

سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون 1

سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون (ڪتاب): سنڌي ٻوليءَ بابت مضمونن ۽ مقالن تي مشتمل جلد پهريون آهي، جيڪو ڊاڪٽر انور فگار هڪڙي مرتب ڪيو آهي. ڪتاب جو انتساب هن نامور شاعر تنوير عباسيءَ جي نالي ڪيو آهي. ڪتاب جي ابتدا ۾ ’ناشر نوٽ‘ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي اڳوڻي چيئرمئن عبدالقادر جوڻيجي لکيو آهي. ڪتاب جو ’پيش لفظ‘ ۽ ’مهاڳ‘ مرتب ڊاڪٽر انور فگار هڪڙي لکيا آهن. هي ڪتاب ٻن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي، پهرئين ڀاڱي ۾: (i) ٻولي ۽ تهذيب، (ii) نئين سنڌي ڊڪشنري ۽ اعرابون، (iii) سنڌي ۽ سنڌي لغت، (iv) سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري ۾ اٽڪون، (v) سنسڪرت ۽ ديوناگريءَ بابت ويچار، (vi) سنڌيءَ جي دکدائڪ حالت سڌارڻ لاءِ رٿ- عنوانن وارا، سنڌي ٻوليءَ جي عالم ڀيرو مل مهرچند آڏواڻيءَ جا مقالا شامل آهن. ٻئي ڀاڱي ۾ محمد صديق ميمڻ، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، پروفيسر اين. آر. ملڪاڻي، ڊاڪٽر ليلارام ڦيرواڻي، گلراج ايم. خوشحالاڻي، کيمچند هيراڻي، ڏيارام وسڻ مل ميرچنداڻي، پهلاج راءِ ليلارام واسواڻي، آسارام مامتورا، پروفيسر ڀوڄراج ناگراڻي، پروفيسر منگهارام ملڪاڻي ۽ منوهر داس ڪوڙي مل جا مقالا: (1) سنڌي ٻوليءَ جي عربي سنڌي صورتخطي، (2) ٻوليءَ جي سلوڻيت، (3) ٻوليءَ جو ماضي، حال ۽ مستقبل، (4) ٻوليءَ جي خصوصيتون، (5) ٻوليءَ جي ترقي ۽ ان ۾ پيش ايندڙ رنڊڪون شامل آهن.
ڪتاب جي آخر ۾ سنڌي ٻوليءَ بابت ڪشنچند بيوس جي ’سنڌي سميلن‘ ڪراچي (1941ع) ۾ ڪيل تقرير شامل آهي.
ڊيمي سائيز جي ڪچي جلد سان 234 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 120 روپيا آهي. هي ڪتاب سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد 2007ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو